خسرو خان چرڪس جو مقبرو

خسرو خان چرڪس جو مقبرو: ضلعي ٺٽي ۾ مڪلي ٽڪريءَ تي هي مقبرو مرزا عيسيٰ خان ترخان (اول) جي مقبري کان اتر ۾ سرن جو ٺهيل آهي. پير حسام الدين راشدي تصديق ڪئي آهي ته هي خان چرڪس جو مقبرو'>خسرو خان چرڪس جو مقبرو آهي. هن عمارت کي پنج قبا هئا. وڏو قبو وچ تي ۽ چار قبا چئن ڪنڊن کان، هي مقبرو جيئن ته سرن سان ٺهيل هو، ان ڪري ان کي اندرئين پاسي ڪاشيءَ سان سجايو ويو هو. هن مقبري ۾ گچ سان لنبيل قبرون آهن ۽ عمارت سورهين صديءَ جي آخر جي آهي.


لفظ خسرو خان چرڪس جو مقبروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو